”غَسان ڪَنَفاني جنھن جي ھر ساھ ۾ آزاد فلسطين سَمايل ھو.“

8 جولاء 1972ع جي سج ڪَنِي ڪڍي ھئي ۽ زندگي معمول تي اچڻ شروع ٿي تہ خليل جبران جي وطن لبنان جي گادي واري ھنڌ ۽ سرسبز صَنوبرن سان جھنجھيل شھر بيروت جي صبح ۾ بارود جي بوء ڦھلجي چڪي ھئي، اسرائيلي ڳجھي اداري موساد پاران ڪار ۾ نصب ڪيل پلاسٽل بم زوردار ڌماڪي سان ڦاٽي پيو ھو. نتيجي ۾ انھيء دل ڌڙڪڻ ڇڏي ڏنو جيڪا ھر ساھ سان فلسطين جو سوچيندي ھئي. اھا دل ھئي عرب دنيا جي عظيم افساني نگار ، اديب، شاعر، مُصَور، صحافي ۽ پي ايف ايل پي PFLP جي مرڪزي پريس ترجمان غَسان ڪنفاني جي.

ٻئي ڏينھن تي عرب دنيا جي اخبارن لکيو ھو تہ “ مقتل غسان ڪنفاني “ اھا خبر پڙھندي سندس پارٽي جي ڪنھن ڪارڪن اھو نعرو ضرور ھنيو ھوندو.“ غسان يعيش فلسطين تعيش“
پي ايف ايل پي PopuLar front for the Liberatiom of palestine سميت فلسطين جي آزادي لاءِ جدوجھد ڪندڙ سمورن ماڻھن لاءِ اھا خبر غَم ۽ غصي جو سبب ضرور ھئي، تہ عرب دنيا جو ھڪ عظيم اڳواڻ اسرائيلي حملي ۾ پنھنجي 17 سالن جي ڀاڻيجي لَميس نجم سان گڏ پنھنجي زندگيء جو ٻَليدان آزاديء جي ديوي آڏو پيش ڪري، آبدي ننڊ سمھي چڪو آھي.

غسان ڪنفاني جو جنم 8 اپريل 1936ع ۾ فلسطين جي علائقي عَڪا ۾ فائز عبدالرزاق ڪنفاني جي گھر ۾ ٿيو. سندس والد پيشي جي لحاظ کان وڪيل ھو. جيڪو سياسي حوالي سان متحرڪ ۽ علم ۽ ادب جي دنيا سان پڻ واسطو رکندڙ شخص ھو.
غسان جي عمر اڃان 12 سال مَس ھئي تہ اسرائيل جي رياست جو قيام ٿيو ۽ پوري دنيا مان مھاجر يھودين جا ڪَٽڪ ماڪڙ جيان اچڻ شروع ٿي ويا ھئا ۽ ڀرپاسي جي عرب آبادين تي انھن جا حملا ۽ لٽ مار بہ شروع ٿي وئي ھئي. ھر روز ڪو نہ ڪو عرب خاندان پنھنجو سڀ ڪجھ ڇڏي فقط جان جي اَمان وٺڻ لڳو ھو.

فلسطيني اسرائيل جي قيام کي ’’النَکبہ‘‘ رُسوائي جي نالي سان ياد ڪندا آھن. ڪيترن سالن کان پوءِ انھي واقعي کي ياد ڪندي غسان ڪنفاني پنھنجي پٽ جي نالي لکيل خط ۾ لکيو ھو تہ ' آئون رسوائي کي پنھنجي دل ۾ ڪنھن چُڀندڙ تيرَ جيان لَھندي محسوس ڪندو ھيس، روز بروز ڪير نہ ڪير لڏپلاڻ ڪندو ھو ۽ مونکي ائين لڳندو ھو ڄڻ تہ منھنجي عزت يعني منھنجو وطن مون کان کسجي رھيو آھي.'
جڏھن اپريل 1948ع ۾ عڪا تي مڪمل طور تي اسرائيلي حملي آورن جو قبضو ٿيڻ لڳو تہ غسان ڪنفاني جي خاندان کي بہ جان بچائڻ لاءِ راھ فرار اختيار ڪرڻي پئي، اھو پھريان لبنان جي شھر صيدا ۾ آباد ٿيو، اتان غازيه، حلب ۽ زبداني مان ٿيندو، ھي خانہ بدوش بڻيل خاندان وڃي شام جي شھر دمشق ۾ رھائش پذير ٿيو.

جڏھن کان ھنن جي ھجرت جي شروعات ٿي ان کان ڪجھ وقت اڳ ئي غسان جي والد جي ڪُل ڪمائي نئين گھر جي تعمير ۾ لڳي وئي ھئي. پر جڏھن گھر ٺھي راس ٿيو تہ اصل مالڪن کي ملڪ ڇڏڻو پئجي ويو. تنھنڪري شام پھچڻ وقت وٽن ڪجھ صلاحيتن، شڪست جي احساس ، ڪَرڀناڪ ڪيفيتن، اَڻ کُٽندڙ ڏک ۽ ڪجھ رقم کان سواءِ ٻيو ڪجھ بہ ڪونہ ھو. خيمن/ڪئمپن ۾ رھندي غسان جنھن ڪَسَمپَرسي ۽ غربت ۾ گذاريو اھو وقت ھو زندگي ڀَر وساري نہ سگھيو. پنھنجي گھرڀاتين جي گذر سفر لاءِ غسان ننڍپڻ ۾ ئي لفافا ٺاھڻ، ڪورٽ جي ٻاھران عريسي نويسي کان ويندي، ريڊيو جي مختلف پروگرامن، اخبارن ۾ پروف ريڊنگ ۽ ايڊٽنگ جا ڪم ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيا ھئا. ان وقت صحافت جي پيشي سان بہ سندس لڳاٰءُ شروع ٿيو جيڪو زندگي ڀر ڪنھن نہ ڪنھن طرح سندس پيشو رھيو.

غسان ڪنفاني جڏھن تعليم مڪمل ڪئي تہ کيس فلسطيني مھاجرن جي ڪئمپ ۾ قائم اقوام متحده جي ھڪ اسڪول ۾ ڊرائنگ جي ماستر جي نوڪري ملي. ان وقت غسان خانہ بدوش بڻيل خاندانن جي ٻارڙن کي پنھنجون ڪھاڻيون ٻڌائڻ شروع ڪيون.

اياز جي ھنن سٽن جيان تہ:-

چيو مينڌيء کيت کي مون اٿي ڦٽي پئو،
مونکي ڪَي ئي سوء رَتا گھرجن ھٿڙا.

چون ٿا تہ ان اسڪول ۾ 1200 شاگرد داخل ھئا ۽ اڳتي ھلي انھن مان ستر سيڪڙو %70 شاگردن فلسطين جي آزاديء لاءِ جدوجھد ڪندڙ تنظيمن جي مزاحمتي گروپن ۾ شموليت اختيار ڪئي ھئي.

انھن ڏينھن دؤران ئي سندس ملاقات فلسطيني قوم پرستي جو بنياد وجھندڙ ماڻھن مان ھڪ اھم اڳواڻ “جارج حباش“ سان ٿي. ھي سندس فڪر ۽ شخصيت مان متاثر ٿيو ۽ ڪجھ وقت کان پوءِ حباش جي تنظيم ’’حرکة القومیین العرب‘‘ Arab Nationalist Movement ۾ شامل ٿيو. ان دوران ھن دمشق يونيورسٽي جي عربي ادب جي شعبي ۾ داخلا ورتي ۽ ’’العرق والدیانۃ فی الأدب الصہیونی‘‘ (يھودين جي ادب ۾ نسل پرستي ۽ انتھاپسندي ھڪ مطالعو) جي عنوان سان مقالو لکي ڊگري ورتائين.

1956ع ڌاري ھو ھڪ سرڪاري اسڪول ۾ مصوري جو استاد مقرر ٿي ڪويت ھليو ويو. جتي سندس ڀيڻ فائزه ۽ ڀاء اڳ ۾ ئي رھندا ھئس. غسان ڪنفاني پنھنجي ھن ڀيڻ سان جام محبت ڪندو ھو ۽ سدائين پنھنجي ڪاميابين پويان ھن جي محنتن جي شامل ھجڻ جو اعتراف ڪندو ھو.

سال 1957ع ۾ غسان جڏھن پھريون ڀيرو ھڪ عالمي اخبار ’’الرائی‘‘ (ڏسندڙ) جو انتظام سنڀاليو تڏھن سندس عمر 21 سال ھئي.1960ع ۾ ھن ھڪ ھفتيوار رسالي ’’الحرّیۃ‘‘ (آزادي) جي ادبي ايڊيٽر جا فرض پڻ سرانجام ڏنا. 1963ع ڌاري جارج حباش جي چوڻ تي ھو بيروت ھليو آيو ۽ ’’المحرّر‘‘ جو چيف ايڊيٽر بڻيو ۽ گڏوگڏ ’’الانوار‘‘ ۽ ’’الحوادث‘‘ ۾ ڪالم نگار بہ رھيو.

بحيثيت باغي ۽ ويڙھاڪ جي ھو ھڪ اھڙو انوکو ڪردار ھو جنھن ڪڏھن ھڪ گولي بہ نہ ھلائي، بلڪہ سندس قلم ئي ھڪ باغي جي بندوق جي نالي جيان ھو ۽ سندس جنگ جو ميدان ھن جي اخبار جي آفيس ھئي. شروع ۾ ھو مڪمل طور تي عرب قوم پرست ۽ جمال عبدالناصر جي فلسفي جي اثر جي سحر ۾ پڻ رھيو. پر وقت سان گڏ ھن جي خيالن ۾ پڻ تبديلي آئي ۽ ھو مارڪسزم ۽ لينن ازم مان فڪري طور پڻ متاثر ٿيو. جڏھن ڊسمبر 1967ع ۾ غسان جي سياسي قائد ۽ دوست جارج حباش ڪجھ دوستن ۽ ساٿين سان گڏجي ’’الجبھۃ الشعبیۃ لتحریر فلسطین‘‘ “پاپولر فرنٽ فار دي لبريشن آف فلسطين “ جو بنياد وڌو تڏھن غسان ڪنفاني ان جو پھريون پريس ترجمان مقرر ٿيو ۽ گڏوگڏ ھو پاپولر فرنٽ جي ترجمان اخبار “الہدف “ جو ايڊيٽر پڻ بڻيو. 1968ع ۾ ھن آسٽريلين صحافي رچرڊ ڪارلٽن کي پي ايف ايل پي جي پريس ترجمان جي حيثيت سان جيڪو انٽرويو ڏنو ان انٽرويو جي تصويرن ۾ ڏسي سگھجي ٿو تہ سندس ڪرسي جي پويان مائو، ڪارل مارڪس، لينن ۽ ھوچي منھ جون تصويرون لڳل آھن. ھيٺيان جمال ناصر جي تصوير بہ لڳل آھي پر سڀ کان وڏي تصوير چي گويرا جي لڳل آھي. جڏھن رچرڊ ھن کان پڇي ٿو تہ توھان جي تنظيم مذڪرات ڇو نٿي ڪري؟
تڏھن ھو پڇي ٿو تہ مذاڪرات ڪنھن سان..؟
رچرڊ وراڻي ٿو تہ اسرائيلي اڳواڻن سان.
تڏھن ھو بي ساختگي سان چئي ڏي ٿو تہ ”توھان جو مطلب تہ ڳچي تلوار سان ڳالھيون ڪري.“

اسرائيلي جھاز ھائيجيڪ ڪرڻ سبب عالمي دنيا جو ڌيان ڇڪائيندڙ ۽ شھرت ماڻيندڙ ليليٰ خالد، ڊاڪٽر وديح حداد ۽ جارج حباش جي ھي تنظيم پي ايل ايف پي بہ ان وقت جي اشتراڪيت مان متاثر تنظيم ھئي، انڪري ڪجھ وقت کان پوءِ ھنن فلسطين جي آزادي کان وڌيڪ عرب دنيا ۾ سوشلسٽ انقلاب برپا ڪرائڻ جون ڪوششون تيز ڪري ڇڏيون. وري مٿان اردن جي بادشاھ شاھ حسين جي حڪومت کي سامراج جو ساٿاري قرار ڏئي سندس خلاف ھٿياربند جدوجھد جو اعلان پڻ ڪري ڇڏيو ھو، جنھن ڪري عرب دنيا ۾ اڪثر ڪري شھنشاھي حڪومتون سندن خلاف ٿي بيٺيون ھيون. پريس ترجمان ھوندي سندس مصروفيتون وڌي ويون ھيون اھوئي سبب ھو جو غسان ڪنفاني جي زندگي جي پوئين سالن ۾ سندس ادبي ڪم سياسي ڪم سبب متاثر ٿيو ھو.

غسان ڪنفاني سان ھڪ شامي اديبہ غاده السمان جي عشق جو قصو بہ انتھائي دلچسپ آھي ۽ غسان جيڪو خطن جو مجموعو ان جي نالي سان لکيو ھو سو سال 1993ع ۾ ڇپجي منظر عام تي آيو آھي. ھو ان وقت بيروت ۽ غاده السمان لنڊن ۾ رھندي ھئي. خليل جبران جيان ڪنفاني کي بہ بيروت بيحد پسند ھو ان ڪري ھو بيروت اچڻ کانپوء، سواءِ روپوشي جي ڪجھ وقت ۽ ٻاھر جي دؤرن کان علاوه سمورو عرصو بيروت ۾ ئي رھيو.

ڪنفاني سان زندگي صرف 36 سال ئي ساٿ ڏئي سگھي ۽ انھي مختضر عرصي ۾ ھن ڇھ ناول، پنج ڪھاڻين جا مجموما، ٽي ڊراما ۽ ٽي تحقيقي مقالا لکي شايع ڪرايا، گڏوگڏ ڪيترين اخبارن جا ايڊيٽوريل ۽ ڪالم لکيا ۽ انيڪ اسڪيچز پڻ ٺاھيا.
سندس ڪيترو ئي ٻيو مواد اڃان تائين شايع ناھي ٿي سگھيو، تنھن ھوندي بہ سندس ھن وقت تائين 28 ڪتاب ڇپجي چڪا آھن. ھن کي ڄڻ تہ اڳ ئي معلوم ٿي ويو ھو تہ سندس زندگي مختصر ئي آھي ۽ ان مختصر عرصي ۾ ئي کوڙ سارو ڪم ڪرڻو آھي. اھوئي سبب آھي جو ڪنفاني انتھائي تيزي سان لکيو ۽ سياسي ڪم بہ ڪيو.

پنھنجي موت مھل ڪنفاني عرب دنيا ۾ ايتري مقبوليت ماڻي ورتي ھئي، جو فلسطين جي قومي شاعر محمود درويش جڏھن غسان ڪنفاني بابت پنھنجو مضمون لکيو تہ ان جو عنوان ئي اھو ڏنائين تہ ”ھڪ آتِش فشان انسان تي نوحَي لکڻ جي ڪوشش.“

فلسطين جي تحريڪن جي ھڪ ڳالھ جيڪا مونکي انتھائي پسند آھي سا تہ فلسطيني تحريڪون ھر ڪم انتھائي منظم نموني سان ڪنديون آھن، خاص طور تي اداره سازي جو ڪم تہ انتھائي مضبوط ڪنديون آھن. انھي روايت جي تسلسل کي برقرار رکندي، غسان ڪنفاني جي نالي سان ھڪ ادبي ايوارڊ بہ ڏيڻ شروع ڪيائون. جيڪو ھر سال عربي زبان جي بھترين ڪتاب کي ڏنو ويندو آھي. غسان سان محبت ڪندڙ ماڻھن ”غسان ڪنفاني فائونڊيشن“ جي نالي سان ھڪ تعليمي اين جي اوز بہ ٺاھي آھي جنھن ھينئر تائين فلسطيني ٻارڙن جي تعليم لاءِ تقريبن 150 کان بہ وڌيڪ اسڪولن جو قيام عمل ۾ آندو آھي.
جيتوڻيڪ غسان ڪنفاني مذھبي طور تي عيسائي ھو، پر مذھب بابت ھو اشتراڪيتي خيالن کي بہ تمام گھڻو پسند ڪندو ھو. تنھن ھوندي بہ ڪنفاني جي نالي سان نہ فقط ھڪ مدرسو قائم آھي پر ان جي لوگي ۾ ”قرآن مجيد“ پڻ ٺھيل آھي..!

آئون سمجھان ٿو تہ اھا ڪنفاني جي پنھنجي سرزمين، وطن فلسطين جي مٽيء سان محبت، پنھنجي ٻولي سان پيار ۽ سياسي سگھ ئي ھئي، جنھن کيس سڀني مذھبن کان مٿانھون ڪري بيھاريو ۽ ھن سڀني حلقن جي دلين ۾ پنھنجي لاءِ گولان جي پھاڙين جيترو پيار پيدا ڪيو.

سندس ادبي عظمتن جو اندازو ان ڳالھ مان بہ لڳائي سگھجي ٿو تہ ھن ٰ25 سالن جي عمر ۾ پھريون ڪھاڻين جو ڪتاب ’’موتُ سریر رقم 12‘‘ (بيڊ نمبر 12 جي موت) شايع ڪرايو ھو. ان ڪتاب جي ٽائيٽل ڪھاڻي جو ترجمو ھن وقت ”يونيورسٽي آف نيويارڪ“ جي ”اسڪول آف ميڊيسن“ جي نصاب ۾ شامل آھي. سندس ڪھاڻين جي وڏي خوبي ئي اھا آھي جو اھي پڙھندڙ کي پنھنجي سحر ۾ اھڙي ريت سوگھو ڪن ٿيون جو ماڻھو مصروف ھوندي بہ انھن کي اڌ ۾ ڇڏي نٿو سگھي. جھڙي ريت سراج، آغا سليم ۽ عثمان ڏيپلائي جا ناول، آريسر ۽ اياز جو نثر، ضراب حيدر، طارق قريشي ۽ نسيم پارس گاد جون ڪھاڻيون پڙھندڙ اڌ ۾ ڇڏي ناھي سگھندو.

عربي ادب تہ پنھنجي قديمي دور کان وٺي انتھائي خوبصورت تشبيھن سان ڀرپور رھيو آھي، پر جھڙي ريت خليل جبران، نزار قاباني ۽ محمود درويش جي لکڻين ۾ ٻوليءَ ۽ خيالن جي خوبصورتي، تشبيھن ۽ استعارن جو استعمال نظر ايندو آھي، اھڙي ريت ھن جي لکڻين ۾ نہ صرف پنھنجو دلڪش اسلوب، خيالن جي اڏا۾ ۽ وسعت، نِت نئين، انوکين ۽ اڻ ڇُھيل تشبيھن جو استعمال نظر ايندو. پر پنھنجي محبوب وطن سان اھڙو عشق بہ نظر ايندو، جھڙو مصري ليکڪ ”نجيب محفوظ“ کي “نيل نديء“ ۽ ”علي بابا“ کي “سنڌوء“ سان ھو.

جنھن جو مثال 1963ع ۾ شايع ٿيل سندس ناول “ رجال فی الشمس“ ( اُس/تَپش ۾ ڪجھ انسان ) مان پَسي سگھجي ٿو. آئون سمجھان ٿو تہ جھڙي ريت ” عثمان ڏيپلائي“ جي “سانگھڙ “ ناول مان ”حر تحريڪ “ بابت گھڻو ڪجھ سمجھي سگھجي ٿو، اھڙي ريت ڪنفاني جي ھن ناول مان فلسطينين جي سموري مزاحمت ۽ سندن سَھپ بابت سادي سَلوڻي انداز ۾ سمجھي سگھجي ٿو.
ناول جو ڪلائمڪس ڪجھ ھن ريت آھي تہ:- ٽي فلسطيني پنھنجو ديس ڇڏي غيرقانوني طريقي سان اتان وڃڻ چاھين ٿا. اھي تيل جي ھڪ ٽينڪر ڊرائيور کي ڪجھ رقم عيوض راضي ڪن ٿا ۽ خالي ٽينڪر اندر لِڪي ويھن ٿا، جڏھن اھي تَتل صَحرا مان سفر ڪن ٿا تڏھن گرميء سبب ھڪ ھڪ ٿي ٻوسٽجي مرڻ لڳن ٿا پر پڪڙجڻ جي خوف کان رڙيون بہ نٿا ڪن.
ناول ھن جملي تي پنھنجي پُڄاڻي تي پھچي ٿو تہ ”لماذا لم یدقّوا جدران الخزان؟“ ( اھڙو بہ ڇا ھو جو انھن مان ڪنھن ٽَينڪي جي ديوارن کي بہ پاراتو نہ ڏنو.) جنھن مان ھڪ پاسي تہ شاھ جي سسئي جھڙي سچائي ۽ ٻئي پاسي پاڻ مٿان ٿيندڙ ظلمن تي مَڪلي جي قبرستان جھڙي ماٺ نظر اچي ٿي.

سندس ٻئي ناول ”ما تبقیٰ لکم“ (اوھان وٽ جو ڪجھ بچيو آھي) ۾ انتھائي نئون اسلوب ۽ فني تجربو ڪيل آھي. جيڪي ان وقت تائين عربي ادب ۾ انوکا ۽ اڻ ڇھيل ھئا. تنھنڪري ھي ڪتاب شايع ٿيندي ئي ھٿو ھٿ وڪامجي ويو. انھي ناول کي ”عرب دنيا جي بھترين ناول “ جو ايوارڊ بہ مليو. سندس آخري ٻن ناولن (سعد جي امڙ) ۽ ’’عائد إلیٰ حیفا‘‘ (حيفا کي موڙيندڙ) کي بہ ڀرپور موٽ ملي.

ھتي سندس مختلف لکڻين مان صرف ڪجھ سٽون تہ پڙھي ڏسو ۽ پاڻ اندازو لڳايو.

”آزادي جو ڪو متبادل نٿو ٿي سگھي، آزادي پنھنجو متبادل پاڻ ئي آھي.“

”لازمي ناھي تہ وطن ڪنھن وسيع ايراضي تي پکڙيل ھجي، اھو فقط ماڻھونء جي ڪلھن جي وچ جيتري ايراضيء تي بہ مشتمل ٿي سگھجي ٿو.“

”ائين ڇو آھي تہ ڪجھ ماڻھن جي مرڻ سان ئي ٻيا ماڻھون جي سگھندا آھن..؟“

”اھو ضروري تہ ناھي جو اسان مان ھرڪو پنھنجي زندگي قربان ڪري ڇڏي، پر اصل اھميت ان ڳالھ جي آھي تہ ان مھل تائين ڪير نہ جُھڪي، جيستائين سندس ساھ جو سَڳو سلامت آھي.“

”جڏھن بہ ڪوئي ڳڀرو وطن جي حفاظت خاطر فوجي وردي پائي، تڏھن کيس پنھنجي جيجل/امڙ جي وڌيڪ دعائن جي ضرورت ناھي رھندي.“

”فلسطين جو سڀ کان وڏو مسئلو ڀلا ڪھڙو آھي..؟ فلسطين جو سڀ کان وڏو مسئلو اھو آھي تہ اھي ماڻھو بہ فلسطيني جنگ تي وڏا وڏا مقالا لکي رھيا آھن جن ڪڏھن زندگيء ۾ ھڪ فائر جو آواز بہ ناھي ٻڌو..!“

”انسان صدين جي ارتقائي سفر ۾ فقط ھڪ ئي ڪارائتي شيءَ دريافت ڪئي آھي ۽ اھا صرف وساري سگھڻ جي سگھ آھي..!“

”دشمن..! مون کي تہ ھارائي سگھي ٿو پر منھنجي مسڪراھٽ کي ڪڏھن بہ مات نٿو ڏئي سگھي..!“

”آئون ڪَکن جي باھ جيان اندر ئي اندر ۾ ڀَڙڪي رھيو آھيان ۽ دلڪش عورتون منھنجي نظرن مان ائين ڪِري رھيون آھن، جيئن آئون تنھنجي ڀروئَن جي ڪٽارن سان ڪُسجي، ڳترا ڳترا ٿي ڪِرندو رھندو آھيان.“

”زندگي صرف دوکو ئي آھي، نہ تہ اھو وقت جيڪو مون توسان گڏ گذاريو ۽ ھاڻ تو بِن گذاري رھيو آھيان، انھن ٻنھي کي ڀلا زندگي ڪيئن چئي سگھجي ٿو..!“